آر سِي ڊي

آر.سـِي.ڊي (R.C.D ):ايران، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٽه طرفو معاھدو، جنھن جو نالو ”ريجنل ڪوآپريشن فار ڊيولپمينٽ“ (علائقائي تعاون براءِ ترقي) آھي. ھن معاھدي جو مقصد، ٽنھي ملڪن جي ڪروڙين عوام جي بھبودي، اقتصادي، فني ۽ ثقافتي تعاون کي وڌائڻ ۽ معاشي ترقيءَ کي مضبوط ڪرڻ آھي. ھي معاھدو 21 جولاءِ 1964ع تي ايران، ترڪي ۽ پاڪستان جي سربراھن جي وچ ۾، استنبول ۾ طئي ٿيو ھو. ھن معاھدي جي نقطن تي تمام تيزيءَ سان عمل ٿيو، جنھن تحت ٽنھي ملڪن ۾ صنعتون قائم ٿيون. آر.سي.ڊي. شاھراھ مڪمل ٿي ۽ اقتصادي تعاون جا ڪئين پروگرام پورا ٿي چڪا آھن. انقلاب ايران (1979ع) کان پوءِ، ھن معاھدي جون سرگرمين ختم ٿي ويون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.07.21  عيسوي

آر . سـِي . ڊي معاھدو 21 جولاءِ 1964ع تي ايران ، ترڪي ۽ پاڪستان جي سربراھن جي وچ ۾ ، استنبول ۾ طئي ٿيو ھو .



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهنشاهه
سول نافرماني
جهيتو (راند)
ڀانڊارِي/ ڀنڊارِي
آتڻ (اصطلاح)
شربت
جهڻ
ٻرانگهه
ٺڳ ۽ ڀنڊاري
سڪو
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون